سيد شيراز شاهه جيلاني

سيد شيراز شاهه جيلاني

جيلاني سيد شيراز شاهه

جيلاني، سيد شيراز شاهه: شيراز شاهه ولد سيد ارشاد شاهه جيلاني، 9 جنوري 1978ع تي ڳوٺ بوزدار وڏا ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بي. اي ۽ ايم. اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان معاشيات جي مضمون ۾ ڪيائين. پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز 1997ع کان ريڊيو پاڪستان خيرپور جي مختلف پروگرامن جي ميزبان ۽ صداڪار جي حيثيت سان ڪيائين، 1999ع ۾ يحيٰ ڀٽي جي ڊائريڪشن هيٺ پيش ڪيل ’راجا پاڪستاني‘ نالي اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪيائين. 2004ع ۾ ڪي. ٽي. اين چئنل تي سولو پلي ’اُماس کان پوءِ‘ ڪيائين. ان کان پوءِ ظهير ميرجت جي ڊائريڪشن ۾ ’آڙاهه‘ سيريل، ادل گبول جي ’وياج‘ سيريل، ممتاز ڪنڌر جي ’ٻڙي‘ ۽ ’سج چـنڊ پاڇا‘ سيريل ۾ ڪم ڪيائين. 2005ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪي. ٽي. اين چئنل تي ’واچوڙو‘، ’سهارو‘، ’درد جي موسم‘، ’اڌورا انسان‘ ڊرامن ۾ ڪم ڪيائيـن. سندس ڊائريڪشن ۾ مهراڻ ٽي. ويءَ جـو لانگ پِلي ’اَنا‘ ۽ ’خالي جوڙ‘ منظر تي آيا. ڊائريڪٽر طور پهريون سولو پِلي محمد عثمان ميمڻ جو لکيل ’مٺ ۾ بند لمحو‘ ڊائريڪٽ ڪيائين. ان کان پوءِ هن جا ’مرگهه ترشنا‘، ’عشق کي شاباس‘، ’ڪنهن ڪون ڪيڏا ڏک اَي‘، ’گوهر منزل‘، ’گناهه‘ ۽ ’رمتا جوڳي‘ ڊراما (ڪي. ٽي. اين اوارڊ يافتا) هئا، جڏهن ته پنج روزه ڊراما: ’خالي گهر‘، ’صحرائي چنڊ‘، ’تتر تيز اڏار‘، ’بليڪ اينڊ وائيٽ‘، ’جانور‘، ’ڪارو آسمان‘، ’دعا کي ٽٻڪو‘ ۽ ’چنبيلي‘ مشهور آهن. سندس پهرين سيريل ڪي. ٽي. اين پروڊڪشن جي ’نازو‘ هئي، ان کان پوءِ ملائيشيا ۾ ڪي. ٽي. اين طرفان پهريون ڀيرو فلمايل سيريل ’ديس پرديس‘ ۾ به ڪم ڪيائين، ان کانسواءِ ’راجو‘، ’اڌوري ڪهاڻي‘، ’دل پرائي ديس‘ 20 روزه وغيره جهڙا ڊراما ڪري چڪو آهي. هن ’درياهه بادشاهه‘، ’چورن مٿان مور‘ ۽ ’جنوني‘ وغيره جهڙين ڪامياب فلمن جي ڊائريڪشن به ڏني آهي. هن جي ڊائريڪشن هيٺ عثمان ميمڻ جي لکيل ٽيلي فلم ’درياهه بادشاهه‘ جي نالي ڪنگز وڊيو سکر طرفان 2010ع ۾ رليز ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو